سيد محمد عالم شاهه شيرازي

سيد محمد عالم شاهه شيرازي

سيد محمد عالم شاهه شيرازي

سيد محمد عالم شاهه شيرازي: الحاج حڪيم سيد محمد عالم شاهه ولد سيد محمد بچل شاهه شيرازيءَ جي نسبت حسيني هئي، چيو وڃي ٿو ته سندن نسبت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ڏوهٽي سيد الشهداءَ حضرت امام حسين عليه السلام جن سان ملي ٿي.
سيد محمد عالم شاهه ڳوٺ ڪرمپور ۾ 1904ع ڌاري جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪاٺيا ڪيريا، تعلقي سيوهڻ مان حاصل ڪئي، جتان پوءِ وري قاضي احمد لڳ ڪُٻرن جي ڳوٺ ۾ علامه مولوي عبدالله يمشيءَ وٽ تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو، پر دستار بندي نه ڪيائين. ڇاڪاڻ ته شرعاً اها جوابداري کڻڻ نه چاهيائين. علم حاصل ڪرڻ بعد هو پنهنجو آبائي پيشو حڪمت ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ کيس ايڏي ته مهارت حاصل هئي، جو مريض کي ڏسڻ شرط ئي دوا منتخب ڪري ڏيندو هو ۽ مريض شفاياب ٿي ويندا هئا. دوا سان گڏ دعا به ڪندو هو ۽ دوا جا پئسا نه وٺندو هو. سيد محمد عالم شاهه روحاني طريقي سان دماغي علاج به ڪندو هو، ايتريقدر جو لاعلاج ڄاڻايل دماغي مريض به وٽانئس شفاياب ٿي واپس ٿيندا هئا.
سيد محمد عالم شاهه عبادت گذار، شب خيز ۽ شب بيدار هو، سڄي رات عبادت ۾ گذاريندو هو، فجر جي نماز بعد ورد ۽ وظيفا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي دوا خاني تي ايندو هو، جتي آيل مريضن جو علاج ڪندو هو ۽ کين دوائون ڏيندو هو. سيد محمد عالم شاهه بذات خود ڪنهن کي به مريد نه ڪيو، پر جيڪي سندس خاندان جي وڏن جا اڳيئي مريد هئا، تن کي ٻچن وانگر سنڀاليندو ايندو هو. بيت الله'>حج بيت الله جي سعادت پڻ ماڻيائين.
سيد محمد عالم شاهه 12 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.12  عيسوي

سيد محمد عالم شاهه ڳوٺ ڪرمپور ۾ 1904ع ڌاري جنم ورتو. 12 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مقبول احمد شيخ
چنا زينت
ايشور ڀارتي
فولاد فقير شر
عبيدالله لاشاري
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
عبدالمالڪ خشڪ
سعيده گوپانگ
دوست محمد مرزادوست
انيلا سندر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون